غازي محمد بن قاسم کي لٽيرو

محمد بن قاسم غازي محمد بن قاسم کي لٽيرو ۽ ڦورو ثابت ڪرڻ کان پوءِ اڻ سڌي طرح رسول ﷲ ﷺ جن جي ذات تائين اعتراضن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.....

اهو ڪيئن....???


هن طرح جو غازي محمد بن قاسم کان پهريان سنڌ مٿان اسلامي سلطنت کان چوڏهن حملا ٿي چڪا هئا. پهريون حملو حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي دور ۾ ٿيو هو. ڪجهه حملا حضرت عثمان غني رضي ﷲ عنه جي وقت ۾ ٿيا هئا. ٽي حملا حضرت سيدنا علي رضي الله عنه جي عهد خلافت ۾ ٿيا هئا. آخري حملو حضرت امام حسن رضي ﷲ عنه جي دور خلافت ۾ به جاري رهيو. ڇھ حملا حضرت امير معاويه رضي ﷲ عنه جي دور ۾ ٿيا هئا. اهي سمورا جليل القدر صحابي هئا. امير معاويه رضہ کانسواءِ ٻين کي خلفاء راشدين سڏيو وڃي ٿو. انهن چوڏهن حملن مان ڪجهه حملن جي اڳواڻي صحابي سڳورن ڪئي هئي، ٻين ۾ صحابہ سپاهي جي حيثيت ۾ شريڪ هئا.

انهن ۾ حضرت مغيره ثقفي، حضرت ربيع بن زياد الحارثي، حضرت سنان بن سلمه هذلي، حضرت عبدالرحمان بن سمره قرشي ۽ حضرت منذر بن جارود عتڪي رضي ﷲ عنهم شامل آهن.


ڪڏهن ڪڏهن قومپرست هي به چوندا آهن ته سنڌ ۾ بن قاسم کان اڳ ۾ صحابي سڳورا آيا هئا. انهن هتي اسلام جي تبليغ ڪئي هئي. اهي صحابي مٿيان آهن. اهي ئي اهي صحابي آهن، جيڪي غازي محمد بن قاسم کان اڳ ۾ هتي آيا هئا. هنن صرف اسلام جي تبليغ ئي نه ڪئي هئي. بلڪ سنڌ مان ڪفر ۽ ظلم جي راڄ جي خاتمي لاءِ جهاد به ڪيو هو.


صحابي سڳورن ان ڪري حملا ڪيا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي رسول ﷲ ﷺ جن حڪم ڏنو هو. سنڌ ۽ هندستان جي فاتحن کي جنت جي بشارت ڏني هئائون.


دين بيزار بخوبي ڄاڻن ٿا ته غازي محمد بن قاسم کي هڪ ڀيرو رهزن ۽ حملہ آور ثابت ڪيو ويو ته  سنڌي هن کان نفرت ڪرڻ لڳندا، ته ان کان پوءِ هو خلفاء راشدين ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي آيل صحابي سڳورن کان به نفرت ڪرڻ لڳندا. انهي کان پوءِ هو نبي ڪريم ﷺ جن کان به (معاذ ﷲ) بدظن ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته اها رسول ﷲ ﷺ جن جي ذات ئي آهي، جنهن هند ۽ سنڌ جي فاتحن کي جنت جون بشارتون ڏنيون هيون. اتان کان اعتراض ﷲ تي ايندو. جنهن نبي ڪريم ﷺ جن کي اهڙا حڪم ڏنا هئا. اهڙي طرح سنڌي اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳندا.

ديش ڀڳت دوستن جو مشن ئي اسلام خلاف بغاوت آھي انڪري انھن جي نظريي جي مخالفت ڪجي ٿي....

Comments

Popular Posts